قاضي عبدالقيوم

قاضي عبدالقيوم: ريشمي رومال تحريڪ جي سرگرم ڪارڪن قاضي عبدالقيوم جو تعلق حيدرآباد سان هو. پاڻ اصل سيوهڻ جي قاضي گهراڻي مان هو. حڪمت ۽ ادب جي ميدان ۾ کيس گهڻي مقبوليت ملي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي سندس ڀاءُ هو. انگريزن خلاف بغاوت ۽ ماڻهن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کيس پنهنجي ڀاءُ حڪيم فتح محمد سميت گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. ريشمي رومال تحريڪ دوران سنڌ مان سڀ کان پهرين هي ٻئي ڀائر گرفتار ٿيا. هن انگريزن خلاف ماڻهن ۾ نفرت پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيترائي جلسا ڪرايا. ان کان سواءِ مضمون لکي انگريزن سان نفرت جو اظهار ڪيو. سندس اولاد مان قاضي اڪبر، قاضي عابد ۽ آپا شمس عباسي پڻ لائق انسان ثابت ٿيا. پاڻ آخري وقت ۾ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو صدر هو. سندس وفات 43 سالن جي ڄمار ۾ 1930ع ڌاري ٿي. حيدرآباد ۾ قاضي عبدالقيوم روڊ سندس نالي سان منصوب ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو